امبر مهڪ

امبر مهڪ

امبر مهڪ

امبر مهڪ (ڳائڻي ):ناليواري گلوڪاره امبر مهڪ ڌيءَ يار محمد، 12 مئي 1980ع ۾ موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سندس والده شميم آرا ريڊيو پاڪستان جي مشهور فنڪاره رهي آهي. جڏهن ته سندس وڏي ڀيڻ انجم آرا به گائيڪيءَ ۾ تمام گهڻو نالو ڪڍيو. امبر مهڪ گائڪيءَ جي سکيا اُستاد امير عليءَ کان حاصل ڪئي. هن پنهنجي فن جي شروعات 1994ع ۾ ريڊيي پاڪستان حيدرآباد کان عنايت بلوچ جي دؤر ۾ ڪئي، امبر مهڪ سڀ کان پهرين ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي سالگرهه پروگرام ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو. هن جي ڳائڻ جو محور گهڻو ڪري ڪلاسيڪل راڳ ۽ ڀٽائيءَ جو راڳ آهي، امبر مهڪ کي راڳ جي سکيا وٺڻ لاءِ سندس مرشد فقير رحمان سائين، اُستاد امير عليءَ جي شاگرديءَ ۾ ڏنو، چئن سالن جي محنت ۽ رياض کانپوءِ امبر مهڪ 2002ع ۾ اُستاد خانصاحب خير محمد خان جي ورسي تقريب ۾ ڳائي تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. هڪڙي سنڌي ٽي. وي. چينل تان امبر مهڪ قلندر لال شهبازرح جي ڌمال ”قلندر لال مان تنهنجي ملنگياڻي آهيان“ ڳائي تمام گهڻي مشهوري ماڻي. سندس 14 کان وڌيڪ البم رليز ٿيل آهن. اُن کانسواءِ اسلام آباد لاهور ڪراچي، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشنن جي سينٽرن تان کوڙ سارا پروگرام ڪري چڪي آهي.


لفظ امبر مهڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

12.05.1980  عيسوي

امبر مهڪ ڌيءَ يار محمد ، 12 مئي 1980ع ۾ موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آشا چاند
پنڊت ڀڄن سوپاري
عبدالرحيم مگسي
جسو ۽ جسراج
شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي
امبر مهڪ
ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي
پير فدا محي الدين سرهندي
حشو پارواڻي
آريسر محمد ايوب فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون